??سل??م آباد – 04 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت جي بهتري لاءِ عورتن جي ڪردار اهميت رکندڙ آهي، فني تربيت کي حاصل ڪرڻ نوجوانن خاص طور تي عورتن جي لاءِ انتهائي ضروري آه??، حڪومت عورتن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ کين بئنڪن جي ذريعي قرض فراهم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن”خوشحال پاڪستان“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام ٽيڪينڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ٽيوٽا) فيس بڪ جي سهڪار سان ڪيو هو. صدر چيو ته عورتن کي تعليم حاصل کانپوءِ عملي ميدان ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، فني تربيت حاصل ڪرڻ نوجوانن جي لاءِ گهڻي ضروري آهي، اهي ملڪ ترقي جون منزلون طئي ڪندا آهن جيڪي نون رجحانن کي سڃاڻيندا آهن، 2030ع تائين دنيا کي سائبر سيڪيورٽي ۾ 4 ڪروڙ ماڻهن جي ضرورت هوندي، ورچوئل يونيورسٽي گهٽ پئسن ۾ معياري تعليم فراهم ڪري رهي آهي. صدر فاصلاتي تعليم جي موقعن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان جي معيشت کي اڳتي وٺي وڃن ۾ عورتن جو نمايان ڪردار هجڻ گهرجي. قائداعظم محمد علي جناح چيو هو ته جنهن قوم ۾ عورت گڏ گڏ نه هلندي اها ترقي نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته پاڪستان کي تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ گهرجن، نوجوانن خاص طور تي عورتن کي هنرمند بڻائڻ ملڪ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. جيڪڏهن کين هنرمند نه بڻايو ويو ته اهي معاشري تي بار بڻجي وينديون. هن تقريب جي انعقاد تي ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ٽيوٽا) ۽ فيس بڪ جي انتظاميه کي مبارڪباد پيش ڪئي. صدر چيو ته برطانيه ۾ 1904ع تائين عورتن کي وراثت جو حق حاصل نه هو، ??سل??م 14سئو سال اڳ عورتن کي وراثت ۾ حصيدار بڻايو ۽ کين انهن جا سمورا حق ڏنا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ انتهائي اهميت رکندڙ آه??، حڪومت عورتن کي معاشي طور تي خود ڪفيل بڻائڻ لاءِ قرضن جي مد ۾ جيتري رقم مختص ڪئي آهي اهي ان مان فائدو نه کڻي رهيون آهن، احساس پروگرام تحت هيٺين سطح تي به عورتن کي روڪ رقم ڏني پئي وڃي. صدر چيو ته پاڪستان ماضي ۾ غير هنرمند افرادي قوت کي ٻاهرين ملڪ موڪليندو رهيو آهي، اسان کي هاني هنرمند ماڻهن کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان کي 9 لک نرسن جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ هن وقت صرف 2 لک نرسون دستياب آهن، ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي ٻين شعبن ۾ موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي، سائبر سيڪيورٽي ۽ آءِ ??ي ??اهرن جو تعداد يونيورسٽين جي مشاورت سان وڌائي سگهجي ٿي. هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي شاگردن جي داخلائن جي تعداد 28 هزار کان وڌائي 55 هزار ڪري ڇڏي آهي، فيس بڪ جي تعاون سان عورتن کي تربيت يافته بڻائي سگهجي ٿو، ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب ۾ ٽيوٽا کان تربيت حاصل ڪري پنهنجي روزگار ڪمائيندڙ هنرمند عورتن ۾ سرٽيفڪيٽس به ورهايا. تقريب کي ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ٽيوٽا) جي چيئرمين علي سلمان صديق، فيس بڪ جي پبلڪ پاليسي جي مينيجر سحر طارق ۽ ٻين مقررن به خطاب ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
ZTBL partners with agri service providers for small farmers’ prosperity
-
ICA Conference Day 2: A Celebration of Climate Advocacy and Communication
-
PPP to leave govt if canal issue not resolved in CCI meeting: energy minister
-
کیپٹنز باؤنٹی تفریح کی سرکاری ویب سائٹ
-
ساؤتھ ویسٹ لاٹری قابل اعتماد بیٹنگ داخلہ
-
40 Sri Lankan Monks arriving Islamabad on May 29
-
Police evolves policy to grip missing childrens incidents
-
15,000-strong force to protect CPEC, Chinese nationals working on project: Ahsan
-
Bilawal shocked at deaths of seven children in Lodhran accident
-
Pakistan notifies revised control lists regarding nukes
-
ریسٹورانٹ کریز آفیشل ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
PTCL آن لائن سرکاری ڈاؤن لوڈ لنک: محفوظ اور تیز رسائی